تازه ترين

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ ٿيندو

- Advertisement -
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ ٿيندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت تحريري طور تي پنهنجا مطالبا پيش ڪندي. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اپوزيشن ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هنن ڳالهين جي حوالي سان باني کان مڪمل هدايت ورتي آهي، پارٽي قيادت انهن هدايتن جي روشني ۾ پنهنجي مطالبن کي حتمي شڪل ڏني آهي. ذريعن موجب، امڪان آهي ته پي ٽي آءِ ڪميٽِي جا ذميوار اجلاس ۾ پنهنجي مطالبن ۾ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن جي قيام ۽ گرفتار اڳواڻن ڪارڪنن ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو رکي سگھي ٿي. ٻئي پاسي حڪومتي ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جا مطالبا سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومتي ڪميٽي به پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون