- Advertisement -
خوراڪ کاتي پاران هدف کان وڌيڪ بارداڻو خريد ۽ واڌو ادائگي ڪرڻ تي ٽن آفيسرن کي باضابطا طور شوڪاز نوٽس جاري ڪري ڇڏيا.
بدين جي فوڊ سپروائيزر غلام ياسين کوسو، ڊگهڙي جي فوڊ سپروائيزز عابد علي پنهور ۽ نئون ڪوٽ جي فوڊ سپروائيزر نور محمد نهڙي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس موجب مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ ادائگي ڇو ڪئي وئي؟.
شوڪاز نوٽيس موجب مطمئن ڪندڙ جواب نه ملڻ تي نوڪري تان فارغ به ڪري سگهجي ٿو.- Advertisement -
