تازه ترين

خيبر: سڪيورٽي فورسز جو آپريشن،هڪ دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه زخمي

- Advertisement -
خيبر جي علائقي تيراهه ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، خيبر جي علائقي تيراهه ۾ انيٽيليجس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سڪيورٽي فورسز گرفتار ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار مليا آهن، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف ڪاررواين ۾ ملوث ۽ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سرگرم هئا. ٻئي پاسي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سروڪئي ۾ باردوي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا ٻه بهادر جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سپاهي بنارس خان ۽ سپاهي عبدالڪريم شهادت جو جام پيتو. آءِ ايس پي آر موجب، واقعا 27 آڪٽوبر جي رات خيبرپختونخوا ۾ پيش آيا، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون آهن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
31 %
3.9kmh
99 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون