تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل بابت ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حسن علي ڪلوڙ جي عدالت ۾ ٿي. ام رباب چانڊيو ۽ فريادي پرويز چانڊيو، وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پهتا. الزام ھيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو، برھان خان چانڊيو، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، جوابدار ستار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. گرفتار جوابدار ذوالفقار، علي گوهر، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس طرفان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايم اين اي رسول بخش چانڊيو پاران عدالت ۾ ڏنل بيانن تي آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ام رباب چانڊيو ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيڻ تي عدالت جي احاطي ۾ شڪراني سجندو ڏنو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته شڪر جو سجدو ڏنو آهي، جيڪي گواهه آندا ويا انهن جوابدار ڌر جي اسٽيٽمينٽ ئي اڏائي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته آڏي پڇا دوران اسان جي وڪيل جيڪي سوال پڇا ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي سگهيا، بلاول ڀٽو جي پروگرام جو ڪوبه سرڪاري شيڊول به هي پيش نه ڪري سگهيا آهن. ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته الله جو شڪر آ هنن جون گواهيون اُڏي چڪيون آهن ڪوڙيون گواهيون ڪوڙيون ٿي ويون آهن. سندس چوڻ هو ته ڪيس مڪمل ٿي چڪو آهي، وڪيلن جا آرگيومينٽ ٿيڻ بعد فتويٰ ايندي، اميد آهي ته انصاف ملندو. ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار احمد چانڊيو چيو ته واقعي واري ڏينهن ايم اين اي رسول بخش چانڊيو وٽ ترسيل هئاسين، رسول بخش چانڊيو پاران عدالت ۾ ڏنل بيان تي فريادي ڌر جي وڪيل پاران آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ادي کي خبر هوندي ڇو جو ٻاهر نڪري چوندي آهي ته ڪير ڪوڙو ٿيو ڪير سچو ٿيو جج صاحب شايد ادي کي ٻڌائيندو آهي اسان کي نه ٻڌائيندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون