دادو جي عدالت ميهڙ واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج حافظ عطاءُ الله شيخ جي عدالت ۾ ميهڙ واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.
الزام هيٺ آيل سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.
ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر، مرتضيٰ ۽ سڪندر چانڊيو کي جيل پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت ميهڙ واقعي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته پوليس پهرين ڏينهن کان سردارن جي حمايت ڪئي آهي، پ پ کي واضح ڪرڻ گهرجي ته قاتلن سان گڏ بيٺل آهي يا وري مظلومن سان، پنهنجي عزيزن جي خون تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.