دادو ۾ پوليس وڏي عمر جي بااثر شخص پاران 5 لک رپين عيوض ٻارڙيءَ سان شادي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

- Advertisement -
دادو ۾ پوليس وڏي عمر جي بااثر شخص پاران 5 لک رپين عيوض ٻارڙيءَ سان شادي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، نينگري جي والد ۽ مامي کي گرفتار ڪيو ويو، گهوٽ فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي وڏي عمر جي بااثر شخص پاران 5 لک رپين عيوض ٻارڙيءَ سان شادي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. پوليس موجب نينگري جي والد عبدالحڪيم ۽ مامي محبوب جمالي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهوٽ آفتاب جمالي ۽ مولوي اشرف ٻگهيو ٽن ساٿين سميت موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار بڻيل نينگري کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڳجهي اطلاع ملي ته 13 سالن جي ٻارڙيءَ جي 5 لک رپين عيوض زوريءَ شادي ڪرائي پئي وڃي جنهن تي ڇاپو هڻي شادي روڪرائي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته 7 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
26%
1.9m/s
0%
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون