تازه ترين

دهشتگردن کي پرڏيهه مان مدد ملي رهي آهي، پاڪستان جي دشمنن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن کي پرڏيهه مان مدد ملي رهي آهي، پاڪستان جي دشمنن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو، دهشتگرد ۽ پرڏيهي عنصر گڏجي بلوچستان ۾ نفرت جو ٻج پوکي رهيا آهن، صوبي ۾ نفرت جو ٻج پوکڻ وارن لاءِ ڪابه جاءِ ناهي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته خميس ڏينهن ڪوئيٽا جي دوري دوران امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو، شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي، شهيدن جا وارث وڏي حوصلي ۾ هئا، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا، صوبي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مخالف دهشتگردن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، دهشتگردن کي پرڏيهه مان مدد ملي رهي آهي، پاڪ فوج جا جوان ملڪ دشمنن جو پيڇو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان ۾ نفرت جو ٻج پوکڻ وارن کي ڪابه جاءِ نه ملندي، نوجوانن کي ورغلائيندڙن کي ناڪامي نصيب ٿيندي. هن چيو ته 26 آگسٽ تي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ڄڻ بلوچستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي آهي، صوبي جا ماڻهو محب وطن آهن، هو چاهن ٿا ته ترقي جو ڦيٿو تيزي سان ڦري. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان ۾ سرفراز بگٽي جي حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، هو جلد وڏي وزير سان گڏجاڻي ڪندو، وفاقي حڪومت کان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪندي. وزيراعظم چيو ته موڊيز پاڪستان جي معاشي صورتحال بهتر هئڻ جو اعتراف ڪيو، جلد ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ معاشي طاقت بڻجندو. شهباز شريف چيو ته دشمن پاڪ چين دوستي ۾ ڏار وجهڻ چاهن ٿا، پاڪ چائنه اڪنامڪ ڪوريڊور مان بلوچستان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، دهشتگرد سي پيڪ کي عوام جي ترقي لاءِ پروموٽ نٿا ڪرڻ چاهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون