- Advertisement -
راولپنڊي جي عدالت تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليما خان جا ضمانتي دستاويز ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج، عليما خان سميت 11 جوابدارن خلاف 26 نومبر جي احتجاج تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عليما خان ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
عدالت عليما خان جا ضمانت جوڳا وارنٽ ۽ ضمانت رد جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته توهين عدالت جو نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو.
پراسيڪيوشن عليما خان جا ضمانتي دستاويز ضبط ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته عليما خان عدالت کي خاطري ڪرائي آهي ته هوءَ هر ٻڌڻي تي پيش ٿيندي.
عدالت عليما خان جا 10، 10 لک رپين جا ضمانتي دستاويز ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -
