- Advertisement -
هلندڙ سال برڪس گروپ جي سربراهي ڪندڙ روس پنهنجن ڀائيوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ برڪس سربراهي اجلاس کان اڳ اولهندي ملڪن جي سياسي دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو متبادل جوڙين.
برڪس ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين شامل آهن، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، مصر، ايٿوپيا، ايران ۽ گڏيل امارات کي شامل ڪرڻ لاءِ برڪس جو دائرو وڌايو ويو آهي.
سعودي عرب کي ان گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي پر ان اڃا تائين ميمبرشپ حاصل نه ڪئي آهي.
برڪس جا فنانس ۽ مرڪزي بينڪ جا اعليٰ عملدار هلندڙ هفتي ماسڪو ۾ ملاقات ڪندا.
اجلاس جي ميزباني ڪندڙ روسي ناڻي واري وزير انتون سلوانوف چيو آهي ته عالمي مالياتي نظام اولهندي ملڪن جي ڪنٽرول ۾ آهي، برڪس جيڪو عالمي معيشت جو 37 سيڪڙو نمائندگي ڪري ٿو، ان کي آءِ ايم ايف جو متبادل پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سلوانوف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ برڪس ملڪن جي مفادن لاءِ ڪم نه ڪري رهيا آهن، ان ڪري نئون ادارو جوڙڻ ضرورت آهي.- Advertisement -
