- Advertisement -
روهڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان ماءُ ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي.
جهانگهڙو ٿاڻي جي حد پراڻي ٽول پلازه ويجهو جوابدار شير علي بکراڻي، پنهنجي ڀاڄائي نور خاتون ۽ ڀائٽي زاهده کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شير علي بکراڻي ۽ سندس ڀاءُ فيض علي بکراڻي ۾ گهرو اڻبڻت تان منهن ماري ٿي پئي هئي.
پوليس موجب، جوابدار شير علي بکراڻي گوليون هڻي پنهنجي ڀاڄائي ۽ سندس نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.- Advertisement -
