تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي: راڻا ثناءَ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، انصاف رڳو ٿيڻ نه گهرجي پر ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي، مخالف ڌر حڪومت جي هر ڳالهه نه مڃيندي ۽ نه وري حڪومت سندن مطالبو قبول ڪندي، تحريڪ انصاف جا مطالبا سامهون ايندا ته  ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي وقت جي خبر پئجي سگهندي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڳالهين ۾ انهن ڳالهين تائين پهچي سگهجي ٿو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين لاءِ آساني هجي، جيڪڏهن اهي تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڇا ڳالهيون وزيراعظم سان ٿي سگهيون ٿيون؟. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي مطالبا بليڪ اينڊ وائٽ ۾ ايندا ته هو به ان جو طريقيڪار به پڇندا ۽ بعد ۾ هو به لکي ڏيندا. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، انصاف رڳو ٿيڻ نه گهرجي پر ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا مطالبا سامهون ايندا ته ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي وقت جي خبر پئجي سگهندي، سندس خيال آهي ته 2 جنوري تي پي ٽي آءِ جو چارٽر آف ڊمانڊ اچي ويندو. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قانوني ٽيم مدرسن جي رجسٽريشن بل تي غور ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪي مدرسا وزارت تعليم سان هئڻ چاهن ٿا کين ان تي اعتراض ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
38 %
0.2kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون