سائفر ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ايف آءِ اي تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف چالان خاص عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.
ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو.
چالان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
ايف آءِ اي چالان ۾ اپيل ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جو ٽرائل ڪري سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ايف آءِ اي جي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ناهي جڏهن ته چالان ۾ اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط شاهد آهي ۽ سندس 161 ۽ 164 جو بيان چالان سان ڳنڍيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چالان موجب تحريڪ انصاف چيئرمين سائفر پاڻ وٽ رکيو ۽ اسٽيٽ سيڪريٽ جو غلط استعمال ڪيو.
چالان موجب، سائفر جي ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر واپس نه ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي 27 مارچ جي تقرير جي ٽرانسڪرپٽ کي ڳنڍيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ 28 شاهدن جا 161 جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد چالان سان لڳايا ويا آهن.
ايف آءِ اي 28 شاهدن جي لسٽ چالان سان گڏ سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي شاهدن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز ترمزي ۽ سائفر پرڏيهي وزارت کان وٺي وزيراعظم تائين پهچائڻ ۾ سڄي چين شاهدن ۾ شامل آهي.
