- Advertisement -
ساماري ڀرسان جوابدار مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتار ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ديهه بکوري جي ڳوٺ رمضان شر ۾ جوابدار اميد علي شر گهر واري پٺاڻي شر ۽ ڀاءُ شهباز کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي لاش کي واهه ۾ لوڙهڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته عورت جو مڙهه واقعي واري هنڌ پيل آهي.
پوليس موجب، اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
