- Advertisement -
سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف عمان جو دورو ڪيو آهي، جتي هن عمان جي سول ۽ فوجي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سلطنت عمان جي شاهي آفيس جي وزير، ڪمانڊر رائل نيوي آف عمان ۽ ڪمانڊر نيشنل ڊفينس ڪاليج سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقاتن دوران عربي سمنڊ جي سڪيورٽي صورتحال ۽ گڏيل دفاعي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نيول چيف سامونڊي ڌاڙيل ۽ سمگلنگ کي روڪڻ ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار تي روشني وڌي، عمان جي سول ۽ فوجي اختيارين علاقائي سامونڊي امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سامونڊي فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.
نيول چيف چيو ته پاڪستان جي سامونڊي فوج ٻين علاقائي ملڪن سان گڏجي ميري ٽائم سڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ جي حامي آهي.
ان کان اڳ نيول چيف، سيد بن سلطان نيول بيس، رائل عمان بحريه جي سامونڊي جهاز، ميري ٽائم سڪيورٽي سينٽر، نيشنل ڊفينس ڪاليج، ملٽري ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ سلطان قابوس نيول اڪيڊمي سميت اهم سامونڊي هنڌن جو دورو به ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف جي عمان دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ملندي- Advertisement -
