- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين کي مسئلن جو حل قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته گهٽ ڳالهائڻ ۽ درگزر ڪرڻ اسپيڪر لاءِ لازمي آهي، ڪنهن ميمبر سان ڳالهين کي ڦاسايو نه وڃي، اسپيڪر ۽ جج تمام گهڻي ذميواري جو ڪم آهي.
هن چيو ته اسپيڪر طور وٽس ڪيترائي راز آهن جيڪڏهن ٻڌائيندو ته ڪجهه ميمبرن کي اڳتي ٽڪيٽ ئي نه ملندي، اها راز سندن سيني ۾ دفن ٿيل آهن، ايم اين ايز سان گڏ اڳوڻي ميمبرن لاءِ به در هميشه کليل رهڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، کين ماحول کي بهتر، ٿڌو رکڻ ۽ رستو ٺاهڻ آهي، کين گڏجي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻي پوندي، ڳالهيون ئي ڳالهيون ئي مسئلن جو حل آهن، ڳالهين جي حل سان ئي جمهوريت اڳتي وڌندي ۽ مضبوط ٿيندي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته مسئلا هميشه گڏجي ۽ ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن، ضروري ناهي ته هر مسئلو حل ٿي وڃي، يا هر شرط مڃي وڃي، هڪ ٻئي کي عزت ڏيڻي آهي، اهڙي نموني اڳتي وڌي سگهجي ٿو..- Advertisement -
