- Advertisement -
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون سان رابطن دوران غزه ۾ ڇڪتاڻ گھٽائڻ ۽ غزه جو گھيرو ختم ڪرائڻ تي زور ڏيندي فلسطينين جي جبري بيدخلي کي رد ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي ٽيليفون ڪري اسرائيل فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
فرانسيسي صدر سان رابطي دوران سعودي ولي عهد غزه جي ناڪابندي ختم ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو ته وچ اوڀر جي خطي ۽ دنيا جي سڪيورٽي کي پيش ايندڙ خطرن کان بچڻ لاءِ غزه ۾سويلينز تي فوجي حملا بند ٿيڻ گھرجن.
هن چيو ته سعودي عرب سولينزتي حملن کي رد ڪري ٿو، عالمي انساني قانونن جي پاسداري ڪن دي غزه ۾ عام شهرين ۽ انفرا اسٽرڪچر تي حملا ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي خطرن ۾ وجهڻ جو عمل فوري بند ٿيڻ گھرجي.
سعودي ولي عهد فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني رياست جي قيام، امن ۽ خطي ۾ استحڪام جي بحالي تي زور ڏنو.
ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو طرفان به سعودي ولي عهد کي فون ڪري اسرائيل فلسطين وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.- Advertisement -
