تازه ترين

سليڪٽِوِ جسٽس انصاف نه پر بدديانتي هوندي، منصب جو مزاج پسند نا پسند، وقت ۽ موسم تي اثرانداز نه ٿيڻ گهرجي : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته سليڪٽِوِ جسٽس انصاف نه پر بدديانتي هوندي، منصب جو مزاج پسند نا پسند، وقت ۽ موسم تي اثرانداز نه ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جا حق ياد رکندڙ عدليا ماضيءَ جي ظلمن جو به ازالو ڪري. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته نوازشريف سان پي ٽي آءِ بانيءَ ۽ سندس سرپرستي ۾ عدليا توڙي اسٽيبلشمينٽ جيڪو ڪيو اهو ڪارو باب آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي سپريم ڪورٽ ۾ وڊيو حاضري ڏٺي ته ياد آيو، معزز عدليا به نوازشريف جي قرضي آهي. خواجه آصف چيو ته جڏهن هي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي واري پڪڙ ۾ آيا آهن ته نوازشريف تي پابندي به ياد آئي آهي، پي ٽي آءِ باني جا حق ياد رکندڙ عدليا ماضيءَ جي ظلمن جو به ازالو ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
36 %
2.9kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون