- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سمورن صوبن سان صلاح مشوري ذريعي ڪم ٿيندو، آمريڪا جي دوري دوران آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت ڳالهيون ٿينديون.
وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ سعودي عرب مان واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي سرڪار ۾ سمورا فيصلا صوبن جي مشوري سان ٿيندا.
هن چيو ته 14 اپريل تي واشنگٽن جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران آءِ ايم ايف پروگرام تي ڳالهيون ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي، ملڪي پاليسي جي حساب سان هلندا، جيڪو ڪرڻو آهي ملڪ لاءِ گڏجي ڪرڻو پوندو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته هو سعودي عرب جو ڪامياب دورو ڪري موٽيا آهن، سندن ولي عهد محمد بن سلمان سان هاڪاري ملاقات ٿي آهي.
هن چيو ته سعودي ولي عهد واعدو ڪيو آهي ته پاڪستان جي سيڙپڪاري جي صورت ۾ ڀرپور مدد ڪئي ويندي، کيس اميد آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي سان وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي- Advertisement -
