تازه ترين

سندن پلان تيار آهي، بجلي 30 سيڪڙو سستي ڪئي ويندي: مريم نواز

- Advertisement -
مسلم ليگ ن چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته سندن پلان تيار آهي، بجلي 30 سيڪڙو سستي ڪئي ويندي، تعليم جو  منشور ڏيندڙن جي اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل آهن، نواز شريف ڪو اهڙو واعدو نه ڪندو جيڪو پورو نه ٿي سگهي. ايبٽ آباد ۾  جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته  نواز شريف پنهنجي دور ۾ ملڪ مان بجلي لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪئي. هن چيو ته نواز شريف چيو هو ته هزاره موٽروي ٺاهيو ويندو  هن ٺاهي ڏيکاريو، منشور اهو ناهي هوندو جيڪو ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو، وڏي محنت سان منشور تيار ڪيو آهي. مريم نواز چيو  ته مسلم ليگ ن جي نالي تي ڪڏهن گورنر ۽ وڏا وزير ٿيندڙ ماڻهو ڏکي وقت ۾ منهن موڙي ويندا آهن، عوام کي ووٽ سوچي سمجهي ڏيڻ گهرجي، سندن چونڊ نه ڪئي وئي ته عوام سموري حياتي تڪليف ۾ ڀوڳيندو. هن چيو ته ڪي پي جي ماڻهن کي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو آهي، ووٽ ڪا پرچي ناهي عوام جي تقدير جو فيصلو آهي، شينهن تي ٺپا هڻي  اقتدار ۾ آندو وڃي جيئن عوام جي ڏينهن رات خدمت ڪري سگهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون