- Advertisement -
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري چيو آھي ته سنڌ جو عوام پ پ کان بيزار ٿي چڪو آهي، پ پ وارن سنڌ کي پنھنجي جاگير سمجھيو ھو، ھاڻي پريشان آھن، جي يو آءِ سنڌ ۾ پ پ جو متبادل آھي، سندن ووٽرن کي هيسائڻ بند ڪيو وڃي.
شڪارپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومري چيو ته اليڪشن واري ڏينھن ڪنھن به ڪارڪن کي نقصان پھتو ته ذميوار پ پ قيادت ھوندي ۽ هو غوث بخش مھر، شھريار مھر، امتياز احمد شيخ ۽ آصف علي زرداري مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائيندا.
ھن چيو ته اھي ڪير آھن جن مھر جتوئي تڪرار جي جرڳي ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي، آءِ بي جي زمين تي قبضو ۽ ڊائريڪٽر نثار احمد صديقي ۽ رجسٽرار تي حملو ڪرايو، ٻڌايو وڃي ته جاگيراڻي جي قتل جي ايف آر داخل ڪنھن تي ٿيل آھي، هو پر امن رھڻ چاھين ٿا.
سندس چوڻ هو ته مولانا عبدالله مھر تي الزام لڳائيندڙ الزام ثابت ڪن ۽ اخلاق جي اندر رھي اھا ٻولي ڳالھائن ته سڀاڻي ھڪٻئي سان ملي ۽ ڳالھائي سگھن.
راشد محمود سومري چيو ته اين 193 تي مخالف پ پ اميدوار کي ايندڙ اليڪشن ۾ جي يو آءِ جي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي، پ پ وارا چاھين ٿا ته جھيڙو ٿئي ۽ پولنگون بند ٿين ته ووٽر گھٽ اچن، هو پ پ اميدوارن کي ھن ڀيري ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏيندا ۽ پنھنجي ڪارڪنن جي حفاظت ڪئي ويندي.
جي يو آءِ اڳواڻ، چيف اليڪشن ڪمشنر، ڊي آر او ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ بيلٽ پيپرن جي حفاظت لاءِ فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.
ھن چيو ته پ پ کي ماڻھو رد ڪري چڪا آھن، جي يو آءِ پ پ جي متبادل جماعت آھي،هو شڪارپور جي عوام کي پنھنجا حق ضرور وٺي ڏيندا.
ان موقعي تي آغا تيمور پٺاڻ، مولانا عبدالله مھر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا…….- Advertisement -
