سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ واقعن ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا آهن. پني عاقل ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 2 اسڪولي ٻارڙا زخمي ٿي پيا. بشير آباد لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ مختياران ڀٽي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته 2 اسڪولي ٻارڙا اسد ۽ حسين زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مختياران ڀٽي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٽنڊي باگي ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. 3 ڏينهن اڳ ٿرڪول روڊ تي مسافر ڪوچ، موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر سبب نوجوان خادم حسين عمراڻي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. زخمي خادم حسين عمراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس ڪراچيءَ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هڱورجا ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان گمبٽ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. چار ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب ڳوٺ ڏاڙهون خان جوڳي واسي 30 ورهين جو غلام شبير جوڳي زخمي ٿي پيو هو. زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. 30ورهين جي غلام شبير جوڳي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٽنڊي جان محمد ۾ بجلي جي ٿنڀي تان ڪرڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. گذريل رات بجلي جي ٿنڀي جهنڊو هڻڻ دوران راشد مستوئي ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو هو. نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. راشد مستوئي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون