- Advertisement -
سجاول ويجهو ٺٽي روڊ تي مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسلام ڪوٽ واسي اوڀايو لنجواڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
نيو سعيد آباد ۾ بکر جمالي وٽ مهراڻ هاءِ وي تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
بکر جمالي وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد عيسيٰ خاصخيلي واسي راشد خاصخيلي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
بهرام ۾ قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي مير حسن ڦاٽڪ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نينگري زهرا بروهي فوت ٿي وئي جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.
هالا ڀرسان قومي شاهراهه تي حيدرآباد طرف ويندڙ مسافر وين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 14 ورهين جو نينگر ساجد مگسي فوت ٿي ويو.
سن ويجهو ڇڇر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سرائي سولنگي وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪي اين شاهه واسي نوجوان طارق حسين ٻگهيو فوت ٿي ويو.
سرهاڙي ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان راشد خاصخيلي فوت ٿي ويو.- Advertisement -
