تازه ترين
اسلام آباد ۾ جي اليون ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد، 27 ماڻهو زخمي ستاويهين آئيني ترميم جي منظوري جمهوريت لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي : بئريسٽر گوهر قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم جو بل پيش ڪري ڇڏيو افغان حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار ڪرڻ لا... ڀارتي فالس فليگ آپريشنز جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي، هر وڏي حملي پٺيان ڀارت جا پنهنجا ه... مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي اپيلن جي ٻڌڻي 2 ڊسمبر تائين ملتوي سڪيورٽي فورسز طرفان وانا ڪيڊ ڪاليج اندر موجود ٽن خارجي دهشتگردن جو گهيراءُ برقرار آهي احمد الشراع جي ٽرمپ سان ملاقات، امريڪا شام تي لڳايل پابنديون عارضي طور هٽائي ڇڏيون امريڪا جو ڀارت سان نئين واپاري ڊيل جو اعلان، نئون معاهدو ماضي کان بلڪل مختلف هوندو: صدر ٽرمپ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي غير قانوني هٿيارن تائين پهچ پاڙيسري ملڪن لاءِ سڌي ريت خطرو آهي : عاصم ا...

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. لانڍي ۾ اسپتال چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر ۾ ڪاشان ولد محمد اڪمل دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته جوابدار زخمي ٿي پيو. خيرپور جي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد درگاھ لونگ فقير ڀرسان تيز رفتار ڪارگو ڪلٽي هڪ ڀاءُ فوت ٻيو زخمي اسپتال منتقل درگاھ لونگ فقير ڀرسان تيز رفتار گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو راحيل موريجو فوت ٿي ويو ۽ ريحان موريجو زخمي ٿي پيو. ٻُڌايو پيو وڃي ٻئي ڀائر پنواڙي کان دارا واهڻ وڃي رهيا هُئا ته درگاھ لونگ فقير روڊ وٽ حادثو پيش آيو. فوتي نوجوان راحيل جو لاش گھر پھچائڻ تي ڪھرام مچي ويو. سنجهوري ويجهو موٽرسائيڪل ۽ بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنجهورو ٿاڻي جي حد سانگهڙ-نوابشاهه روڊ تي بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سومار مهر ۽ ميو ڀيل فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هالاڻي ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پولٽري فارم تي ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻو ڪاشف ڀٽي جي نالي سان ٿي، ٻيو پورهيت الهبچايو اڄڻ زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. دوداپور ۾ تاجو ديري روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو. تاجو ديري روڊ شاهه وٽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾نينگر علي رضا ميرالي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڪنب ويجهو چنا موري اسٽاپ وٽ روڊ حادثي ۾ پيءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو. چنا موري اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر سبب امام بخش اڄڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس پٽ عبدالقدير زخمي ٿي پيو. مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. قومي شاهراهه تي موٽروي آفيس وٽ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب ڀورو ڪولهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته چيتن ڪولهي زخمي ٿي پيو. باڊهه ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ويهڙ ٿاڻي جي حد قاضي مسجد وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب جيڪب آباد جي ڳوٺ قادرپور جو رهواسي اياز کوسو فوت ٿي ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.5 ° C
16.5 °
16.5 °
9 %
2.7kmh
0 %
اڱارو
14 °
اربع
18 °
خميس
19 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون