سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سم نالن ۽ ڊرين کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سم نالن ۽ ڊرين کي گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. ٽنڊي غلام حيدر ويجهو سم نالي کي ٻن هنڌن تا گهارا پوڻ سبب پاڻي فصلن کي ٻوڙيندو ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو. ڳوٺ مقبول پنهور ۽ ڳوٺ محمد علي چانگ وٽان سم نالي کي گهارا پئجي ويا. سم نالي کي گهارا پوڻ سبب پاڻي فصلن کي ٻوڙيندو ڳوٺن ۾  داخل ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهاري  واري هنڌ ناهن پهتا، پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ رڌل آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪرايو وڃي. ساماري ويجهو پاڪيٽ ڊرين کي گهارو پوڻ سبب پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو. ايل بي او ڊي جي پاڪيٽ ڊرين کي 21 هيرل وٽان گهارو پئجي ويو. ڊرين کي گهارو پوڻ سبب پاڻي فصلن کي ٻوڙيندو ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو. هوڏانهن گولاڙچي ويجهو  سم نالي کي50 فوٽ گهارو پوڻ سبب پاڻي ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل سارين جي فصلن کي لوڙهيندو 20 ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو. ڳوٺاڻن پاران علي بخش سميجو، محمد حسن شاهاڻي، امامعلي عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب سم نالي کي گهارو لڳو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ ناهي پهتو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيوته معاملي جو نوٽيس وٺي سم نالي کي لڳل گهارو بند ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي بدين جي لواري ڊرين ۾ پاڻي جي دٻاءُ سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڊرينيج عملي جي نااهلي سبب لواري ڊرين ۾ چاڙهه سبب سم جو پاڻي زرعي زمينن ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50%
2m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون