تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا .

دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ شبير سولنگي، مظهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ ايس ٽي  پي پاران فاطمه ڦرڙو ۽ صحافي جان محمد جي خون سان انصاف لاءِ  فقير علي حسن جانوري، سڪندر کوکر، عزيز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خراب ٿي چڪي آهي، پوليس عام شهرين ۽ صحافين جي جان ۽ مال جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام عي وئي آهي.

مظاهرين چيو ته هو  صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ راڻيپور واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته شهيد جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي عبرت جو نشان بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿين.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون