تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، گرمي جي سٽيل ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پيا آهن. ڪراچي جي ملير،  آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاهراهه فيصل، گلستان جوهر، گلشن اقبال ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو آهي. ڪنري شهر سميت ڀرپاسي جي علائقن پڪوموڙ، دڙيلو، نبي سر، چيل بند، نهٽو ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات سبب ماڻهن جا چهرا ٻهڪي پيا آهن. هڱورجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جي وسڪاري سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. چمبڙ، سنجر چانگ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز وسڪاري دوران بجلي بند ٿي وئي، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، گرمي جي سٽيل ماڻهن گهرن مان ٻاهر نڪري برسات جو مزو ورتو. لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات جي تيز وسڪاري سبب اسٽيشن روڊ، مراد واهڻ، ايوب ڪالوني، سبحان الله چوڪ، لاهوري پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي. موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آگسٽ مهيني دوران ڪراچي ۾ وڌيڪ برسات ٿيندي، چار آگسٽ کان اتر سنڌ کان تيز چوماسي جون هوائون داخل ٿينديون….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
32 %
0.9kmh
0 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون