تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ڪابينا 700 ايڪڙ ايراضي اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ رکي آهي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪابينا 700 ايڪڙ ايراضي اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ رکي آهي، ان تي پراڻو پلانٽ بحال ڪيو ويندو ۽ 4 هزار 840 ايڪڙن تي اسپيشل اڪنامڪ زون ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي اضافي ايراضيءَ تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا 700 ايڪڙ ايراضي اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ رکي آهي، ان تي پراڻو پلانٽ بحال ڪيو ويندو ۽ 4 هزار 840 ايڪڙن تي اسپيشل اڪنامڪ زون ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپيشل اڪنامڪ زون سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جو گڏيل منصوبو آهي، ٻئي گڏ ويهي معاملا طئه ڪندا. ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته  وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ ۽ وفاق پيپر ورڪ مڪمل ڪري ته جيئن سيڙپڪار ڪم شروع ڪن، اسپيشل اڪنامڪ زون جي ايراضي اهم آهي. هن چيو ته 700 ايڪڙ پلانٽ واري ايراضي سنڌ حڪومت حوالي ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي بحال ڪري يا نئون پلانٽ لڳائي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون