- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي جڏهن ته بجلي بند ٿيڻ سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به مختلف هنڌن تي وقفي وقفي سان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي.
موسميات کاتي پاران اڄ کان اربع تائين ڪراچي ۾ هلڪي ۽ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.
اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي.
برسات سبب فصل کي نقصان جو خدشو آهي.- Advertisement -
