- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو.
ڪراچي جي ملير، ڪلفٽن، شاهراهه فيصل، صدر، گلشن معمار، ڪورنگي، گلستان جوهر، قائد آباد، گلشن حديد، مهراڻ ٽائون، نارٿ ڪراچي، صفوارن ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
ميرپور خاص ۾ لڳاتار برسات سبب گٽر نالا اٿلي پوڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو، سنڌ حڪومت جو رين ايمرجنسي جو اعلان رڳو اعلان ئي رهجي ويو.
جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
دادو ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جنهن سبب سارين جي فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
شهداد ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
نوشهرو فيروز ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب سارين، ترن ۽ ٻين فصلن کي نقصان پهتو آهي.
بدين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب ايل بي او ڊي ۾ چاڙهه سبب گهارو پوڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.
ٺٽي ۾ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، وسڪاري سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو.
تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، وسڪاري سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.
دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات سبب سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
جاتي شهر سميت سامونڊي پٽي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جنهن ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
خانواهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب ووئنڻن جا فصل تباهه ٿي ويا.
ماتلي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي نقصان پهتو آهي.
تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ٽن ڏينهن کان چوماسي جي برسات جاري آهي.
گولاڙچي، ڪڙيون گهنور، کوراهه ترائي ۽ احمد راڄو سميت ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.
کڏڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سانوڻي جي سسٽم تباهي مچائي ڇڏي آهي.
جمال شاهه ۾ تيز برسات پوڻ سبب ڪيلن ۽ ووئنڻن جي فصلن کي نقصان پهتو آهي.
اڏيرو لال ۽ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب علائقي واسي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.
ڪنري ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هواسان گڏ برسات پوڻ سبب سولر پليٽون، سائن بورڊ، ڪچا گهر ۽ بجلي جا ڪيترائي پول ڪري پيا.
چمبڙ ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ سبب روڊن ۽ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي.
سنڌڙي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات سبب ڪچن گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته وسڪاري سبب ووئنڻن، مرچن ۽ ڪمند جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پوڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
ٽالهي، نندو، سرهاڙي ڪيٽي بندر ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
ڍورو نارو، پڊعيدن، ڄام نواز علي، ميان صاحب، ڊگهڙي، ميرواهه گورچاڻي، مکڻ سمون، ٻيلهاڙو شاخ، جهلوري۽ ٻين علائقن ۾ رات کان وٺي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.- Advertisement -
