تازه ترين

سنڌ حڪومت طرفان ڌاڙيلن خلاف ٽنهي صوبن جي گڏيل آپريشن لاءِ پلان جوڙڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت طرفان ڌاڙيلن خلاف ٽنهي صوبن جي صلاح مشوري سان گڏيل آپريشن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران صوبي کي دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عزم ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو 32هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد اويس دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار جي هاڪاري پاليسي سبب دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، نيشنل ايڪشن پلان جي روشني ۾ دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن خلاف انٽيليجنس آپريشن جاري آهن، جنهن تي ڪنهن به شهري کي ڪا پريشاني ناهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽنهي صوبن سان رابطو ڪري گڏيل آپريشن پلان جوڙيو وڃي، حب ۾ گڏيل چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ لاءِ 214 ملين رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، چيڪ پوسٽون سنڌ ۽ بلوچستان بارڊرن تي اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن روڪٿام لاءِ قائم ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڊي جي نارڪوٽڪس جي آفيس ۾ فيوزن سينٽر قائم ڪيا آهن، جنهن سان ايجنسين وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن ذريعي منشيات جي ڏوهن ۾ ضابطو آڻڻ لاءِ مدد ملندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت باقاعده طور تي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ڪرائي رهي آهي، سنڌ حڪومت جي اثرائتي پاليسين جي ڪري دهشتگردي تي ضابطو پڻ آندو ويو آهي. اجلاس ۾ عزم ڪيو ويو ته صوبي کي دهشتگردي، منشيات ۽ ٻين ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. وڏي وزير چيو ته گذريل ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي روشني ۾ منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ وڌيڪ مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن، هن وقت ڪراچي ۾ منشيات جي عادين جي بحالي لاءِ ٻه مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ 31 فرينڊلي پوليس اسٽيشن قائم ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏوهارين جا هڪ ئي گينگز آهن، جيڪي ٻنهي طرف ڏوهه ڪن ٿا. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ پوليس پاران چائنيز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي يونٽ قائم ڪيو ويو آهي، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ ۾ ڪم ڪندڙ چائنيز کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير پاران خانگي گاڏين تي سول ڪپڙن ۾ گارڊز خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته هٿيارن جي نمائش تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، سڄي صوبي ۾ پوليس لائيٽن، رنگين شيشن، فينسي نمبر پليٽن ۽ گاڏين تي هٿيارن جي نمائش خلاف 1474 ايف آءِ آرز داخل ڪري 34.6 ملين رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
53 %
3.6kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون