- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪامياب ڪارروائي دوران هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي.
سنڌ حڪومت پاران منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي.
ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪامياب ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي.
گرفتار جوابدار محمد راشد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته جاچ جاري آهي.- Advertisement -
