- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪتن کي مارڻ بدران نسل روڪڻ لاءِ مهم شروع ڪئي وئي آهي.
سروي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪتن جو انگ 8 لک آهي.
سروي موجب سال ۾ هر ڪتي 12 کان 16 گلر پيدا ڪندي آهي.
ڪتن جو نسل روڪڻ واري مهم آڪٽوبر کان جون تائين جاري رهندي.
مهم تي مجموعي طور 96 ڪروڙ 33 لک 16 هزار رپيا خرچ ايندو .
سنڌ جي 19ضلعن ۾ يونٽ قائم ڪيا ويندا.
مهم ۾ ڊاڪٽر، اينيمل هيسبنڊري، مڪاتي کاتو ۽ ڪي ايم سي جي مدد شامل هوندي.- Advertisement -
