- Advertisement -
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڪيلن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته وڪيلن جي سهولت لاءِ ڪبوتر چوڪ کان سٽي ڪورٽس تائين شٽل سروس شروع ڪئي ويندي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون خدمتون انمول آهن، جيڪي وسارڻ جوڳيون ناهن، سنڌ حڪومت وڪيلن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ سان ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ڪراچي ۾ وڪيل برادري کي پيش ايندڙ مختلف مسئلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
بار اڳواڻن سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ کي وڪيلن کي اچ وڃ سميت پيش ايندڙ ٻين چئلينجن بابت آگاهه ڪيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته وڪيلن جي سهولت لاءِ ڪبوتر چوڪ کان سٽي ڪورٽس تائين شٽل سروس شروع ڪئي ويندي، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون خدمتون انمول آهن جيڪي وسارڻ جوڳيون نه آهن.
سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو جمهوري اصولن جي تحفظ ۽ سڀني لاءِ انصاف کي يقيني بڻائڻ ۾ وڪيلن جي اهم ڪردار تي يقين رکندو هو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته شهيد ڀٽو جي پاليسين پٺتي پيل ماڻهن جي حقن ۽ عدليا جي آزادي کي برقرار رکيو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بي بي عدليا کي مضبوط بڻائڻ ۽ قانوني پيشي جي حمايت لاءِ ڪيترائي سڌارا متعارف ڪرايا، سنڌ حڪومت وڪيلن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.- Advertisement -
