تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار طرفان بينظير هاري ڪارڊ ذريعي 55 ڏهائي 9 ارب رپين جي رقم خرچ ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ سرڪار طرفان بينظير هاري ڪارڊ ذريعي 55 ڏهائي 9 ارب رپين جي رقم خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾  سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  پهرين مرحلي ۾ 22 لک 60 هزار ايڪڙ زمين لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي مڪمل شفافيت يقيني بڻائي ويندي، ڊجيٽل نظام ذريعي زمين جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ چار لک آبادگارن کي  هاري ڪارڊ پروگرام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ سنڌ بئڪ ذريعي وڌيڪ 50 هزار هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاري ڪارڊ جي رجسٽريشن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جن آبادگارن وٽ بينظير هاري ڪارڊ موجود آهي اهي فوري طور پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪن. هن چيو ته ڪڻڪ جي پوکي لاءِ آبادگارن کي هڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ ٻه ٻوريون يوريا ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي پوکي لاءِ آبادگارن جي ڀرپور حمايت ڪري رهي آهي ته جيئن وڌيڪ زرعي پيداوار حاصل ڪري سگهجي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي سان ملڪ ۾ خوشحالي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي فيصلي ننڍن آبادگارن کي هاڪاري انداز ۾ مدد ملندي. سندس چوڻ هوته سنڌ سرڪار جي قدم جو مقصد رڳو مالي مدد فراهم ڪرڻ ناهي پر آبادگارن کي باعزت نموني پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ سنڌ سرڪار وڌيڪ لکين آبادگارن کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيندي ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ آبادگار سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون