- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ پاپوليشن کاتي جي 8 سئو ملازمن کي ترقيون نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پاپوليشن کاتي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائيندي پاپوليشن کاتي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويو آهي..
پاپوليشن کاتي جو چوڻ هو ته عدالت جي حڪم تي پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي مستقل ڪيو ويو آهي، پر عدالتي حڪمن تي مڪمل عملدرآمد ناهي ٿيو، سمورن ملازمن کي مستقل ناهي ڪيو ويو.
جسٽس ڪي ڪي جا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو نذر اچي ٿو ته عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، عدالت اعتراضن تي مطمئن نه ٿي ته ڏنڊ لاڳو ڪيو ويوندو ۽ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي- Advertisement -
