تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ درسي ڪتابن جي مد ۾ مبينا طور اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ درسي ڪتابن جي مد ۾ اربين رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ تعليم کاتي جي سمورن پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي طلب ڪندي کوليل پروجيڪٽس جا تفصيل گهري ورتا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ درسي ڪتابن جي مد ۾ مبينا طور اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته هي ڊالرن ۾ اربن جا فنڊ اچن ٿا اهي ڪيڏانهن وڃن ٿا، اوهان، ڊائريڪٽرن، ڊي اوز،  ٽي اوز کي هڪ رپيو نه ٿا ڏيو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي ڊفينس ۾ وڃي پئسا پهچايو ٿا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي؟ ڇو نه آيو آهي؟ عدالت چيو ته هتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ 76 مشينون آهن سڀ خراب پيل آهن اهي ڪم ڪن ها ته هي ڪم مفت ۾ ٿئي ها. عدالت چيو ته جيڪي منصوبا آهن انهن لاءِ ٻاهران جاپان، ڪينڊا يا سنڌ گورنمنمٽ جو فنڊ اچي ٿو اهو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ عدالت چيو ته اوهان جا ڊي اي او، ڊائريڪٽر، سيڪريٽري ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڪيترا منصوبا هلي رهيا آهن؟ تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته وقت ڏنو وڃي رپورٽ پيش ڪندا. عدالت چيو ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ، اسلامڪ بئنڪ ڊالرن ۾ پئسا ڏين ٿا، انهن بابت رپورٽ ڏيو، سيڪريٽري کي گهرايون ٿا اهو رپورٽ ڏئي ٿو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا کين موهن جي دڙي سان ملائي ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته تعليم کاتي ۾ ڪهڙين ملڪن کان فنڊ آيا ڪيترا آيا آهن؟ عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل کي چيو ته هنن جيڪو ڏوهه ڪيو آهي اهو بعد ۾ ڏسون ٿا، اوهان پنجاب جو سليبس گهرايو ٿا انهيءَ ڪري هتان جا شاگرد ايم ڊي ڪيٽ ۾ فيل ٿيندا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته 76 بلين مليا آهن اهي ڪٿي آهن ڪٿي خرچ ٿيا آهن اهي عوام جي کيسن مان وڃن ٿا. عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين ۽ تعليم کاتي جي سمورن پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي طلب ڪندي کوليل پروجيڪٽس جا تفصيل گهري ورتا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون