- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر معذورن کي مختلف کاتن ۾ ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن ورهين دوران معذور ڪوٽا تي ڀرتين بابت رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف داخل درخواستن جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت مختلف صوبائي کاتن ۾ معذورن جي خالي پيل جاين جي انگ ۽ ٻن ورهين دوران معذور ڪوٽا تي ڀرتين بابت رپورٽ اڻپوري قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته مختلف ضلعن ۾ صوبائي کاتن ۾ ڪوٽا تحت معذورن کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن.
وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت طرفان معذورن لاءِ سرڪاري کاتن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنرن کي مختلف صوبائي کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
