- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ سنڌ ۾ هڪ کان 15 هين گريڊ جي نوڪرين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي.
سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تان پابنديءَ بابت ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ 1 کان 15 هين گريڊ تائين جي سرڪاري نوڪرين تان اسٽي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت صوبائي حڪومت کي سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت پاران سنڌ حڪومت کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.
جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته جيڪڏهن ته حڪومت کي وڌيڪ پوسٽن جي ضرورت آهي ته ٻيهر اشتهار ڏئي قانون موجب ڀرتيون ڪيون وڃن.
عدالت چيو ته جيڪڏهن چونڊن کان اڳ ڀرتيون قانوني هيو ته پوءِ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڇو ڪيو، اهو ڪهڙو طريقو آهي جو حڪومت ويندي ويندي نوڪريون ورهائي.
جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن معاشري کي سڌارڻو آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو.
عدالت چيو ته جڪڏهن اهو سوچي ورتو آهي ته سندن ٻار پرڏيهي ۾ پڙهندا ۽ اتي ئي رهندا ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي،جيڪڏهن توهان ملڪ نٿا ڇڏڻ چاهيو تهو پوءِ ميرٽ اختيار ڪيو سوشل جسٽس بنياد آهي.
عدالت چيو ته نالا ۽نوڪرين جا تفصيل خط ذريعي ملندا آهن، تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي ڏهن سالن کان نوڪريون نه مليون آهن.
سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت پاران سرڪاري نوڪريون ڏيڻ لاءِ جوڙيل ايس او پيز موجب ڪارروائي جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت چيو ته نئين حڪومت ٺهي وئي آهي، نوڪريون شفاف طريقي سان ڏنيون وڃن ته کين ڪو اعتراض ناهي…- Advertisement -
