سنڌ هائيڪورٽ صوبائي حڪومت کي عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ صوبائي حڪومت کي عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس نه هئڻ بابت وڪيل طارق منصور جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ وڪيل طارق منصور موقف اختيار ڪيو ته عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس نه هجڻ ڪري عورتن، ٻارن ۽ معزور ماڻهن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، عدالت حڪومت کي بس اسٽاپن، شاپنگ سينٽرن، پارڪن، قبرستانن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي ڪنوينشن موجب سنڌ حڪومت سرڪاري سطح تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهڻ جي پابند آهي، قانون موجب حڪومت کي ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي ٽوائلٽس ٺاهڻ گهرجن. عدالت چيو ته سنڌ حڪومت 32 ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس تعمير ڪري، پبلڪ ٽوائلٽس تعمير نه ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون