تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ 11 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث بي يارومددگار آهن،  عدالت ئي هنن جي آخري اميد آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته  گم ٿيل ماڻهن کي ڳولڻ رياست جي ذميواري آهي. عدالت چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري ماتحت ادارن کان گم ٿيل ماڻهن بابت وٺي عدالت ۾ جمع ڪرائي، رپورٽس جمع ڪرائڻ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ وفاقي سيڪريٽري پاڻ عدالت ۾ پيش ٿئي. عدالت چئن هفتن اندر لاڳاپيل ادارن کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتو ڪري ڇڏي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
10 %
8.3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون