سنڌ هائيڪورٽ پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پٽ جونيئر ذوالفقار پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. شعيب سڊل، فيصل حبيب، عبدالباسط، اصغر علي، گلزار علي ۽ ٻيا جوابدار سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران واجد دراني، غلام شبير، ظفر اقبال، ذاڪر محمود ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش نه ٿيا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار شاھد حيات ڪٿي آھي جنهن تي وڪيل چيو ته اڳوڻو ڪراچي پوليس چيف شاھد حيات فوت ٿي ويو آھي، پيپر ورڪ مڪمل ٿي چڪو آھي. وڪيل چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي انڪري وقت ڏنو وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چئن ھفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ٻڌڻي تي عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفراقبال ۽ ٻين کي طلب ڪيو ھو. مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد گوگا 2010ع ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي ستر ڪلفٽن ۾ گهر ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو. واقعي کانپوءِ حڪومت ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد خلاف ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا. ڊسمبر 2009 ۾ ماتحت عدالت 20 پوليس آفيسرن کي بري ڪيو ھو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
45%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون