چونڊن بابت اڳڪٿين کان پاسو ڪرڻ گهرجي: مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
نگران وفاقي حڪومت عام چونڊن لاءِ 49 پرڏيهي مبصرن کي دعوت ناما جاري ڪري ڇڏيا، مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته  عام چونڊن بابت افواهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عام چونڊن جي ڪوريج لاءِ 49 پرڏيهي مبصرن ۽ صحافين کي ويزائون جاري ڪيون ويون آهن، اليڪشن ڪميشن ضابطا اخلاق تي مڪمل طور عمل ڪرائي رهي آهي، سڪيورٽي لاءِ سموري ملڪ ۾ انتظام ڪيا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عام چونڊن بابت افواهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عام چونڊن جي ڪوريج لاءِ پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا پهريان ئي پاڪستان ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ملڪن مان ڪيترن ئي صحافين جي ويزا لاءِ درخواستون ڏنيون ويون آهن، عام چونڊن جي ڪوريج لاءِ 49 پرڏيهي مبصرن ۽ صحافين کي ويزائون جاري ڪيون ويون آهن. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته 32 درخواستن تي ويزا ڏيڻ جو عمل جاري آهي جڏهن ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان لڳ ڀڳ 24 اجازت نامن جون درخواستون ويزا لاءِ غور هيٺ آهن، ميڊيا جي مختلف ادارن طرفان مجموعي طور 174 درخواستون مليون آهن، پرڏيهي صحافي ڪيٽيگري ۾ رڳو برطانيا مان 25 درخواستون پراسس ۾ آهن. هن چيو ته روس طرفان 8، جاپان مان 13 درخواستون پراسس ۾ آهن، ڪينيڊا مان 5 پارليامينٽ جي ميمبرن درخواستون ڏنيون آهن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواستون پراسس ۾ آهن. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطا اخلاق جاري ڪري چڪي آهي، چونڊن جي ڪوريج لاءِ پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا پاڪستان ۾ موجود آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
39%
2.1m/s
10%
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون