- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ، پي آءِ اي کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت، سول ايوي ايشن، پي آءِ ايَ، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 3 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ قومي ايئر لائن پي آءِ اي کي امڪاني طور خانگائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي.
جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته درخواست ڏيندڙ پي آءِ ايَ کي خانگائڻ خلاف ڇو آهي؟
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته بنيادي طور تي اها ترميم ڪمپنيز ايڪٽ سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جڏهن قانون ۾ ترميم ئي غلط آهي ته پي آءِ ايَ کي ڪيئن خانگائي سگهجي ٿو.
وڪيل چيو ته پي آءِ ايَ سرڪاري ملڪيت ناهي رهي، شيئرز اڳ ئي وڪرو ٿي چڪا آهن.
جسٽس عقيل احمد چيو ته پي آءِ اي پرائيويٽ ٿي چڪي آهي ته يونين کي ڪهڙو فرق پوي ٿو ان جو ڪو به مالڪ بڻجي وئي.
وفاقي حڪومت، سول ايوي ايشن، پي آءِ ايَ، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 3 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو.- Advertisement -
