تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير طور قسم کڻي

- Advertisement -
سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير طور قسم کڻي ورتو آهي. وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ تقريب جي ڪارروائي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم هلائي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سيد مراد علي شاهه کي وڏو وزير طور قسم کڻايو. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، امتياز شيخ ۽ سردار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. قسم کڻڻ واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفارتڪار، صوبائي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ شريڪ ٿيا. سيد مراد علي شاهه مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو آهي ۽ مجموعي طور هو سنڌ جو 25هون وڏو وزير آهي. قسم کڻڻ بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڪامران ٽسوريءَ، ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊجڻ تي سيد مراد علي شاهه کي واڌايون پڻ ڏنيون…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون