- Advertisement -
سينيٽ جي ٽيهن خالي سيٽن تي چونڊ اڄ ٿيندي، 48 خالي سيٽن مان 18سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، سينيٽ چونڊ لاءِ 59 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.
اليڪشن شيڊول موجب، 29 جنرل، 8 عورتن، 9 ٽيڪنو ڪريٽ، عالم ۽ اقليتن جي ٻن سيٽن تي چونڊ ٿيندي.
اسلام آباد جي هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي، پنجاب جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنو ڪريٽ، هڪ عالم ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.
سنڌ جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي چونڊ ٿيندي.
ڪي پي جي ستن جنرل، ٻن عورتن ۽ ٻن ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي به چونڊ ٿيندي.
بلوچستان جي ستن جنرل، ٻن عورتن ۽ ٻن ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
