تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

- Advertisement -
  سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو. سالياني چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح ساڍي اٺين وڳي شروع ٿيو جيڪو  شام پنجين ورهين تائين جاري رهندو، سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ 4 هزار 21 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 414 ووٽرن جو تعلق لاهور سان آهي. چونڊ لاءِ سڄي ملڪ جي هائيڪورٽن ۽ سرڪٽ بينچن ۾ پولنگ عمل جاري آهي. صدارتي سيٽ  تي عاصمه جهانگير گروپ جي ميان محمد رئوف عطا ۽ حامد خان گروپ جي منير احمد ڪاڪڙ ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي سلمان منصور ۽ ملڪ زاهد اسلم وچ ۾ دنگل ٿي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي مرڪزي ڪابينا کانسواءِ چئني صوبن جي نائب صدرن جي سيٽن لاءِ مقابلو ٿي رهيو آهي، ايگزيڪيوٽو ميمبر به چئني صوبن مان چونڊيا ويندا . سنڌ جي نائب صدر جي سيٽ لاءِ ٽي اميدوار ملڪ خوشحال خان اعواڻ، محمد نديم قريشي ۽ يوسف مولوي ميدان ۾ آهن. ايڊيشنل سيڪريٽري جي سيٽ لاءِ محمد اورنگزيب خان ۽ محمد زبير حسين، ميمبر ايگزيڪيوٽو سنڌ جي سيٽ لاءِ 4 اميدوار عامر جميل ورڪ ، احمد علي ديوان، نويد الحق ۽ رضوانه جميل ميدان ۾ آهن. ڪراچي، حيدر آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن سان تعلق رکندڙ 683 وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
31 %
1.5kmh
30 %
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون