تازه ترين

سپريم ڪورٽ پاناما واليم ٽين کولڻ کان انڪار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ، پاناما واليم ٽين کولڻ کان انڪار ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عالي ٽياڪڙي جو واليم ڏهه کولڻ جو چيو ويو، پر ٽياڪڙي جو عمل مڪمل ٿي چڪو، هاڻي اها درخواست بي اثر ٿي وئي آهي.

براڊ شٽ ڪمپني جي پاناما جي آءِ ٽي جي  جي واليم ڏهه تائين پهچ بابت درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

براڊ شيٽ ڪمپني جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته پاناما جي آءِ ٽي واليم ڏهه ۾ اهڙو ڇا آهي، جنهن کي ڳجهو رکيو وڃي؟

جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ پاناما فيصلي ۾ واليم ڏهه بابت ڪا آبرزويشن ڏين هئي؟

ايڊيشنل اٽارني جنيل چيو ته براڊشيٽ کي نيب 28 ملين ادا ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس چيو ته ان معاملي تي 184 ٿري تحت ئي درخواست آڻي سگهجي ٿي.

عدالت پاناما جي آءِ ٽي رپورٽ جو واليم ڏهه کولڻ بابت براڊشيٽ ڪمپني جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي.

جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عالي ٽياڪڙي جو واليم ڏهه کولڻ جو چيو ويو، پر ٽياڪڙي جو عمل مڪمل ٿي چڪو، هاڻي اها درخواست بي اثر ٿي وئي آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون