- Advertisement -
بچاءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيف ۽ هٿياربند فوج 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب هو 1965 جي جنگ جي فاتحاڻي ورثي کي فخر سان ياد ڪري رهيا آهن، جيڪا قوم جي ناقابل شڪست ارادي ۽ اٽل جذبي جو مثال آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي ڏهاڙو مادر وطن جو بهادري سان دفاع ڪندڙ بهادر جوانن جي قرباني ۽ بهادري کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو.
هٿياربند فوج پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هٿياربند فوج دشمنن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندي هڪ تاريخي فتح حاصل ڪئي جيڪا تاريخ ۾ هميشه ياد رکي ويندي، 1965 جي جنگ اميد جو ڪرڻو هئي، جنهن مصيب جي وقت قوم لاءِ عزم جو مثال قئام ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج سمورن خطرن ۽ چئلينجن سان ملڪ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي اٽل ارادي جو ورجاءُ ڪري ٿي، پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيپٽمبر 1965 جي جذبي کي برقرار رکندي پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي.
آءِ ايس پي آر موجب هو پنهنجي سمورن شهيدن ۽ اڳوڻن فوجين جي خاندانن کي به ڀيٽا پيش ڪن ٿا، اچو بچاءَ ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي شهيدن ۽ هيروز جي ياد کي گڏجي ڀيٽا پيش ڪريون.- Advertisement -
