مديجي ويجهو هٿياربند ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ نوجوان کي اغوا ڪري ويا

- Advertisement -
مديجي ويجهو هٿياربند ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ نوجوان کي اغوا ڪري ويا، پوليس ۽ وارث پيرا کڻي جوابدارن پٺيان روانا ٿي ويا آهن. ڳوٺ بخشو اڄڻ  ڀرسان زرعي زمين تان اڻڄاتل ھٿياربند انور ولد استاد مظهر حسين کي اغوا ڪري کڻي ويا. وارثن کي اطلاع ملڻ شرط پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس ۽ ڳوٺاڻا پيرو کڻي هٿياربندن پٺيان روانا ٿي ويا. مغوي نوجاون جي والد جو چوڻ هو ته سندس پٽ رات پنهنجي ٻنيءَ تي ترسيل هو جتان کيس اغوا ڪيو ويو آهي ڏوهارين پٽ جي نمبر تان فون ڪري ڀنگ گهريو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ کي مارڻ جون ڌمڪيون مليون آهن. هن چيو ته مديجي پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو 8 ڪلاڪن تائين پوليس واردات واري هنڌ نه پهتي، پوليس مان ڪا به اميد نه آهي. هن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
45%
3m/s
0%
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون