- Advertisement -
سکر جي مختلف پوليس ٿاڻن جي پوليس پاران مبينا مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پٽڻي ٿاڻي جي حد نيشنل هاءِ وي روڊ ھيڊ پل وٽ پوليس ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران مبينا ڏوهاري ياسر چنو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
نئون پنڊ ٿاڻي جي حد ۾ گڏاڻي ڦاٽڪ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ مبينا ڏوهاري سعيد چاچڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سائيڊ ٿاڻي جي حد ميانداد کوسو روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مبينا ڏوهاري ياسر تنيو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
